ڀڳڙا ول

ڀڳڙا ول: ھيءَ نرم زمين ۾ اڀرندڙ جھنگلي ول آھي، جيڪا سڻ، مرٽ، کپ ۽ ٻوهه وغيره ٻوٽن جي ڀرسان اڀري، انھن تي پکڙجي ويندي آھي، هن ول جا پن ڦاڪن سان قد جا ننڍا، پر گھاٽي سائي رنگ جا ٿين ٿا، ان جو ڦل ڀڳڙي جي داڻي جيڏو ٿئي ٿو، انڪري ئي ھن ول تي اھو نالو پيو آھي. ھن ول کي اٺ، ٻڪريون، گڏھ، رڍون ۽ ڍڳيون شوق سان کائيندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو